مونس الاهي جي گهرواري سميت 4 جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ

مونس الاهي جي گهرواري سميت 4 جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي جي گهرواري سميت 4 جوابدارن جي ضمانت ۾ 21 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.بينڪنگ ڪرائمز ڪورٽ لاهور ۾ ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي جي گهرواري تحريم الاهي، زارا الاهي سميت 4 جوابدارن جي عبوري ضمانت جي ٻڌڻي ٿي، جج محمد اسلم گوندل عبوري ضمانت تي ٻڌڻي ڪئي.ايف آءِ اي جو جاچ آفيسر موڪل تي هئڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيو، 4 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ پيشي مڪمل ڪئي.درخواستگذار چيو ته سياسي بنيادن تي ڪيس ۾ نامزد ڪيو پيو وڃي، عدالت عبوري ضمانت جو حڪم ڏئي.جنهن بعد عدالت جوابدارن جي ضمانت ۾ 21 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو