خانپور (ن س) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمن سکپور ۾ ڪارنھن تڪرار تان دوداڻي جتوئي ڌرين جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ، فائرنگ سبب ھڪ ئي خاندان جا ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا قتل ٿيا جن ۾ مسمات عزت خاتون ،سردار خاتون ،رتو جتوئي ،سوڍو جتوئي ،ارشاد جتوئي جڏھن ته ٻئي ڌر جو بخش علي پٽ عبدالحليم دوداڻي جتوئي قتل ٿي ويو جھيڙي ۾ مجموعي طور 6 ڄڻا قتل ۽ ڪيترائي ٻيا زخمي آهن. علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آهي ڌرين جو ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو جاري آھي.










