ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سول اسپتال ۾ ايڇ آئي وي ايڊز ۾ مبتلا کدڙن فقيرن جو علاج نه ڪرڻ جي خلاف درخوست تي انتظاميه کي اڄ ئي مريضن جو علاج شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو اربع تي جسٽس يوسف علي سعيد ۽ جسٽس محمد عبدالرحمان تي ٻڌل بئنچ سول اسپتال ۾ ايڇ آئي وي ايڊز ۾ مبتلا کدڙن فقيرن جو علاج نه ڪرڻ خلاف درخوست جي ٻڌڻي ڪئي. کدڙا فقير ايڪٽيويٽس ۽ ايڊيشنل سپرنٽنڊنٽ سول اسپتال عدالت ۾ پيش ٿيا عدالت اسپتال جي نمائندي کي چيو ته اسان نٿا چاهيون ته اوهان کي ٻيهر تڪليف ڏيون هريش ڪمار ايڊيشنل سپرنٽنڊنٽ سول اسپتال ٻڌايوت ه اسان فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي اڄ ئي سول اسپتال وڃو اسان علاج لاءِ تيار آهيون کدڙن فقيرن کي ڪجهه غلط فهمي ٿي سگهي ٿي علاج دستياب آهي جسٽس يوسف علي سعيد ريمارڪس ڏنا ته ٻڌايو ته ايڇ آئي وي ايڊز ڪيسز ۾ ڇا پروٽوڪولز آهن؟ ڊاڪٽر هريش ڪمار ٻڌايو ته علاج لاءِ باقاعده پروٽوڪولز موجود آهن عدالت ريمارڪس ڏنا ته کدڙن فقير مريض اڄ ئي فوڪل پرسن سان رابطو ڪن فوڪل پرسن علاج شروع ٿيڻ واري عمل کي يقيني بڻائي کدڙن فقيرن جي خلاف ڪنهن به قسم جو فرق وارو ورتاءُ نه ڪيو وڇي عدالت ريمارڪس ڏنا ته طئي ڪيل پروٽوڪولز مطابق کدڙن فقيرن مريضن جو علاج يقيني بڻايو وڃي عدالت صحت واري سيڪريٽري کان اونهاري جي موڪلن کان پوءِ عملدرآمد رپورٽ گهري ورتي ۽ سول اسپتال انتظاميه کي اڄ ئي کدڙن فقير مريضن جو علاج شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو شهزادي راءِ ۽ حنا بلوچ ساره ملڪاڻي ايڊووڪيٽ جي مدد سان درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ موقف ڏنو ويو هو ته 3 کدڙا فقير ايڇ آئي وي ايڊز ۾ مبتلا آهن مونيڪا، نڪويري، مائي جان کي علاج جي فوري ضرورت آهي سول استپال انتظاميه ايڇ آئي وي ايڊز جي مريضن جو علاج نه پئي ڪري کدڙن فقيرن سميت مڙني مريضن کي واپس اماڻيو پيو وڃي.










