ڏهر برادري جي با اثرن خلاف لاڙڪ برادري جو احتجاج

ڏهر برادري جي با اثرن خلاف لاڙڪ برادري جو احتجاج

اوٻاوڙو ( ن س) ڏهر برادري جا ماڻهو اسان جي گهرن ۽ زمينن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ زوري لڏائڻ لاءِ موتار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اهڙو اظهار ڳوٺ ماڙي جي رھواسين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيند ڪيو. سڪندر لاڙڪ ۽ خان محمد لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان 70 سالن کان پنھنجي اباڻي گھرن ۾ رهون ٿا ۽ اسان جا پراڻن گهر ن تي ڏهر برادري جي بااثر ماڻھن جاڳڻ ڏهر، اختيار ڏهر ۽ ٻيا گهرن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. هنن دعويٰ ڪئي ته اوٻاوڙو پوليس  انهن بااثر ماڻهن سان ٻٺ بڻيل آهي . مردن جي غير موجودگي ۾ هنن عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو آھي ۽ اسان کي قتل ۽ اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن.  هنن ايس ايس پي گهوٽڪي، آئي جي سنڌ ۽ اعلي حڪام کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ ڏنو وڃي ۽ با اثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو