اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان چنڊ ڏسڻي بل 2022 جي منظوري ڏني وئي اربع تي اجلاس ۾ ملڪ شهادت اعواڻ بل قائمه ڪميٽي طرفان منظور ٿيل شڪل ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو ايوان بل جي شقوار منظور ڏئي ڇڏي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاسڪتان پاران اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ نئين ترميمن جي حوالي سان قائمه ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي ان حوالي سان جاويد علي شاهه ايوان ۾ رپورٽ پيش ڪئي اهڙي طرح سائره بانو گئس چوري کي روڪڻ ۽ وصولي ايڪٽ 2023 ترميمي بل تي قائمه ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي.










