فوتي ڪوٽا تحت آفر آرڊر ڏيڻ جي تقريب، سي اي او واٽر بورڊ آرڊر ورهايا

فوتي ڪوٽا تحت آفر آرڊر ڏيڻ جي تقريب، سي اي او واٽر بورڊ آرڊر ورهايا

ڪراچي (ن س ) نوڪري دوران وفات ڪندڙ واٽر بورڊ ملازمن جي نياڻين، پٽن ۽ بيواهن کي ھڪ کان يارھين گريڊ تائين سندن تعليمي قابليت مطابق مستقل بنيادن تي روزگار جا آفر آرڊرز جاري ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ تقريب ايم سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ منعقد ڪئي ويئي، تقريب جا خاص مهمان سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان ھئا، تقريب جي موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ چيو تہ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي ذاتي دلچسپي ۽ سندن اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري الحمدالله واٽر بورڊ انتظاميا اڄ اھم ڪاميابي ماڻيندي نوڪري دوران وفات ڪندڙ ملازمن جي وارثن کي شفاف طريقي سان مستقل روزگار ڏيڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي، هن چيو تہ ايڇ آر ڊي ڊپارٽمنٽ پاران ملازمت دوران فوت ٿيندڙ واٽر بورڊ ملازمن جي وارثن کي مستقل روزگار فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن جو چوڻ هو تہ واٽر بورڊ کي ھڪ مثالي ادارو بڻايو پيو وڃي ان سلسلي ۾ نون ڀرتي ٿيل ملازمن کي تربيت پڻ ڏني ويندي، سي اي او واٽر بورڊ نون ملازمن مخاطب ٿيندي چيو تہ اوهان سڀني کي گھڻي محنت ڪرڻي پوندي ڇو تہ اوهان جو مستقبل واٽر بورڊ سان ڳنڍيل آهي، هن وڌيڪ چيو تہ انشاءَ الله مستقبل ۾ ملازمن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ وڌيڪ موثر قدم کڻندي ملازمن کي سموريون بھتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون، تقريب ۾ ڊي ايم ڊي ايڇ آر ڊي ساجد نظام، ڊائريڪٽر پرسنل محمد امين تغلق، ڊائريڪٽر ليبر ويلفيئر آفيسر محمد نواز سميت آفيسر موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو