راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 9 مئي سانحي جي رٿابندي ڪندڙن ۽ منتظمين جو ٽرائل شروع ٿي ويو آهي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف عاصم منير لاهور جو دورو ڪيو، شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي، 9 مئي جي ڪاري ڏهاڙي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران مادر وطن لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته 9 مئي سانحي جي ذميوارن خلاف آرمي ايڪٽ تحت قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.جنرل عاصم منير جناح هائوس ۽ فوجي تنصیب جو دورو پڻ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي طاقت ان جا ماڻهو آهن، فوج ۽ عوام ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش رياست خلاف عمل آهي.هن وڌيڪ چيو ته اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، دشمن قوتون ۽ انهن جا مددگار جعلي خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي مونجهارو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.آرمي چيف چيو ته عوام جي حمايت سان دشمن جي اهڙن سمورن حربا کي شڪست ڏني ويندي، پاڪ فوج جي طاقت عوام ۾ آهي.










