15 ڏينهن جي واڌ هجي يا 50 ڏينهن جي، آبادي پوري ڳڻيو: حافظ نعيم

15 ڏينهن جي واڌ هجي يا 50 ڏينهن جي، آبادي پوري ڳڻيو: حافظ نعيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آدمشماري لاءِ 15 ڏينهن جي واڌ هجي يا 50 ڏينهن جي ڪراچي جي آبادي کي هرحال ۾پورو ڳڻيو وڃي مڪاني چونڊن جي نتيجن جي صورتحال ۽ اڻپوري ۽ تڪراري آدمشماري جي حوالي سان اداره نورالحق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان اسلام آباد جي اجلاس ۾ به اها ئي ڳالهه ڪئي هئي ته اسانکي 15 ڏينهن جي واڌ جي خيرات نه گهرجي اسان گهر ڪريون ٿا تها سان کي پورو ڳڻيو وڃي گذريل 15 ڏينهن ۾رڳو 10 لک ماڻهن کي ڳڻيو ويو آهي 16 هزار جي عملي هڪ لک گهرن جي گهرشماري ڪئي آهي هن چيو ته 34 ارب رپين جي بجيٽ سان آدمشماري جو ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ 16 هزار جو عملو 16 هزار بلاڪس ڪوڊز جي گهرشماري به نه ڪري سگهيو ڪراچي جي ڊگهين عمارتن جو انگ 38 هزار آهي جتي عملو ويو ئي نه آهي آدمشماري جي عملي نارٿ ناظم آباد ۾ فارم ڏنا ۽ هليو ويو ايس او پي مطابق گهر شماري ڊجيٽل ٿيڻي هئي پر هن فارم ڏنو ۽ هليو ويو حافظ نعيم چيو ته نارٿ ناظم آباد جي وائيس چيئرمين فارم ڀرائي عملي وٽ جمع ڪرايا پر اڃا تائين اهي ڳڻپ ۾ شامل ناهن ڪيا ويا سنڌ حڪومت سڌي سنئين ذميوار آهي ته ڪراچي جي آدمشماري کي صحيح نموني سان ڳڻيون وڃي پيپلزپارٽي کي ڪراچي حيدرآباد سکر سميت شهرين جي آبادي جي ڪائي ڳڻتي نه آهي جڏهن اسان حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پيپلزپارٽي ان کي لساني رنگ ڏئي ڇڏي ٿي امير جماعت جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي وزير اڄ ڪراچي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن هي ڪراچي ۾ پنهنجا جهنڊا نه لڳائي سگهندا هئا اسان چاهيون ها ته الطاف حسين سان ٺاهه ڪريون ها پر اسان ايئن نه ڪيو بينظير الطاف ڀائي ڀائي جو نعرو سب کي ياد آهي اڄ به ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي سان گڏجي ڪراچي جي آدمشماري ۾ فراڊ ڪري رهي آهي هنچ يو ته اسان جو واضح ۽ چٽو مطالبو آهي ته ڪراچي ۾ جيڪو جتي رهي ٿو پوءِ اهو ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجي ان کي ڳڻيو وڃي 34 ارب رپيا وٺڻ وارن جي ذميواري آهي ته ڪراچي جي آبادي کي صحيح ڳڻيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو