راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اتر بلوچستان جي علائقي مسلم باغ ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي، جن ايف سي ڪيمپ تي حملو ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب ايف سي ڪيمپ تي سڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي، ڪليئرنس آپريشن ۾ 2 جوان شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن کي عمارت جي ڪمپليڪس تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ آپريشن جاري آهي.ٻئي طرف ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ڪنسلٽنٽس، ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي فوري طور تي حاضر ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










