عمران سياسي مقصدن لاءِ ملڪ جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي پيو:مقبول

عمران سياسي مقصدن لاءِ ملڪ جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي پيو:مقبول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسن ۾ مذهبي حوالي سان سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ افسوسناڪ آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ خالد مقبول صديقي چيو ته مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ حساس ادارن کي بدنام ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ملڪ هن وقت معاشي ۽ سياسي لحاظ کان انتهائي ڏکي وقت مان گذري رهيو آهي، ڪنهن به قسم جو الزام ناقابل قبول آهي.خالد مقبول صديقي چيو ته عمران خان حساس ادارن جي آفيسرن تي ڪنهن جي ايجنڊا تحت تي الزام لڳائي رهيو آهي ؟ هن چيو ته عمران خان سياسي مقصدن لاءِ ملڪ جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو