گئس ميٽر چارجز ۾ حد کان وڌيڪ واڌ، ڳڻتي جوڳي آهي: امتياز شيخ

گئس ميٽر چارجز ۾ حد کان وڌيڪ واڌ، ڳڻتي جوڳي آهي: امتياز شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته گيس ميٽر جي چارجز ۾ حد کان وڌيڪ اضافو افسوسناڪ آهي، گهريلو صارفين لاءِ گئس جا بل ادا ڪرڻ تمام ڏکيا ٿي ويا آهن، هن اها ڳالهه پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ کي پنهنجي خط ۾ چئي امتياز شيخ چيو آهي ته اوگرا جي ماتحت ايس ايس جي سي ايل SSGCL عوام کان ميٽرن جو حد کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪري رهي آهي. سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته گئس جي بلن ۾ واڌ جو ڪو به قدم عام ماڻهو لاءِ معاشي مشڪلاتن جو سبب بڻجندو، ايس ايس جي سي ايل جي قدمن سان هڪ وڏي طبقي جي زندگين جون حالتون خراب ٿينديون، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي يقين ڏياريو آهي.وفاق پاران ريگيوليٽري باڊيز ۾ صوبن جي نمائندگي لاءِ ڪيترائي ڀيرا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ايس ايس جي سي ايل ۾ نمائندگي کي اجاگر ڪيو ويو آهي، پنهنجي خط ۾ توانائي واري وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي ريگيوليٽري باڊيز ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هجڻ افسوسناڪ آهي. صوبي جي گئس جي ورڇ لاڳاپيل ڪمپني کي ڪرڻي آهي، امتياز شيخ چيو ته سنڌ پاڪستان جو قدرتي گئس پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏو صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڪل پيداوار جو 63 سيڪڙو پيداوار ڏئي ٿو، سنڌ جي گيس پيداوار آئين جو آرٽيڪل 158 سنڌ کي ملڪيتن جا وڌيڪ حق ڏئي ٿو. ٻين صوبن جي مقابلي ۾ آرٽيڪل 158 تي عمل نه ڪرڻ سان صوبي ۾ احساس محرومي پيدا ٿي رهيو آهي، خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ميٽر جي ڪرائي جي قيمتن ۾ واڌ واري فيصلي تي نظرثاني واري خط ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مستقبل ۾ گيس جي قيمتن جي مقرري واري ميڪينيزم کي ترتيب ڏين ته جيئن عوام جي تڪليف کي گهٽائڻ لاءِ غير منصفانه قيمتن جي خوف کي ختم ڪري سگهجي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو