گذريل 4 سالن ۾ ملڪي معيشت کي سخت نقصان پهتو، احسن اقبال

گذريل 4 سالن ۾ ملڪي معيشت کي سخت نقصان پهتو، احسن اقبال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته گذريل 4 سالن ۾ ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ترقياتي بجيٽ تي ڌيان نه ڏنو ويو.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته اسان کي پنهنجي برآمدات کي وڌائڻو آهي، انساني وسيلن جي ترقي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.حسن اقبال جو چوڻ آهي ته اسان 1999 ۾ انساني وسيلن لاءِ جيڪي قدم کنيا اهي مارشل لا جي دور ۾ ضايع ٿي ويا، اسان جي حڪومت 2013 ۾ انساني وسيلن لاءِ ٻيهر قدم شروع ڪيا هن چيو ته اسان جي دور ۾ ترقياتي بجيٽ 1000 ارب رپيا هئي، هن مالي سال ترقياتي بجيٽ 727 ارب رپيا ٿي وئي آهي، پر اسان جو انفراسٽرڪچر غريب ملڪن جهڙو آهي. وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، آءِ ايم ايف پروگرام جون شرطون ٻوڏ کان اڳ طئي ڪيون ويون. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان ٻوڏ کانپوءِ انهن مان ڪجهه شرطن تي عمل نه ڪري سگهيو، آءِ ايم ايف پروگرام نه اچڻ سبب غير يقيني صورتحال ۾ اضافو ٿيو. هن جو اهو به چوڻ آهي ته عالمي بحران عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ سبب پيدا ٿيو، ملڪ ۾ توانائي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ضرورت آهي، غريب عوام کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. .

پهنجو تبصرو موڪليو