دنيا ۾ صحافين لاءِ پاڪستان خطرناڪ ۽ اسلام آباد غير محفوظ قرار

دنيا ۾ صحافين لاءِ پاڪستان خطرناڪ ۽ اسلام آباد غير محفوظ قرار

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)صحافين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن اهم ۽ عالمي تنظيمن پاران پريش فريڊم ڊي تي جاري ڪيل ڌار ڌار رپورٽن ۾ پاڪستان کي خطرناڪ ترين ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) اربع تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحافين جي حقن بابت ٺايل قانونن جي اوٽ ۾ تنقيد کي خاموش ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ايوارڊ وننگ فريڊم نيٽ ورڪ نالي تنظيم چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2022 دوران گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڌمڪين ۽ حملن ۾ 60 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ اسلام آباد ان لحاظ کان خطرناڪ ترين شهر قرار ڏنو آهي. آر ايس ايف پنهنجي رپورٽ ۾ 180 ملڪن جي انڊيڪس جاري ڪئي آهي ان مطابق ناروي کي بهترين ۽ اتر ڪوريا کي صحافين ۽ صحافت لاءِ بدترين ملڪ قرار ڏنو آهي. پاڪستان ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اشتهارن کي ميڊيا کي دٻائڻ ۽ من پسند ڪوريج لاءِ هڪ ٽول جيان استعمال ڪن ٿيون. رپورٽ موجب پاڪستان جي رينڪنگ يعني درجه بندي 7 پوائنٽ بهتر ٿي آهي ۽ 2021 جي لسٽ ۾ 157 نمبر تي ڄاڻايل پاڪستان 150 تي اچي ويو آهي. ڀارت 11 نمبر هيٺ هليو ويو، 150 مان 161 تي اچي ويو آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم نريندرا مودي جي دوستن جي هڪ گروپ ڀارتي ميڊيا تي ڪنٽرول ڪيو آهي. آمريڪا به 3 پوائنٽ هيٺ هليو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ويٽنام، چين ۽ ٻين ملڪن به صحافين لاءِ صورتحال بهتر ناهي. چين جرنلسٽس لاءِ دنيا جو وڏو جيل بڻيل آهي. رپورٽ موجب يورپ صحافين لاءِ مجموعي طور بهتر، وچ اوڀر ۽ اتر آمريڪا کي بدترين قرار ڏنو ويو آهي. آر ايس ايف جي درجه بندي موجب سڀ کان وڌيڪ هيٺ ايندڙ ملڪن ۾ پيرو 33 پوائنٽ هيٺ ڪرڻ بعد 110 نمبر تي آهي، سينيگال 31 پوائنٽ هيٺ اچڻ بعد 104 ۽ هيٽي 29 پوائنٽ هيٺ اچڻ بعد 99 نمبر تي آهي. ايتري وڏي تنزلي باوجود به هي ملڪ پاڪستان کان گهڻو بهتر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو