اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ملاقات ڪئي.ذريعن موجب ملاقات ڪجهه دير اڳ وزيراعظم هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ وزيراعظم کي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ۽ کيس سرحدي صورتحال سميت دهشتگردي خلاف قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.










