لاهور (ويب ڊيسڪ)عمران خان جي هدايت تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين جي بحالي لاءِ درخواست تيار ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته درخواست پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي هدايت تي ٻنهي اسيمبلين جي اسپيڪرز تيار ڪئي آهي. صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي صورت ۾ درخواست داخل نه ڪئي ويندي. سبطين خان چيو ته جيڪڏهن ڪجهه مهينن کانپوءِ ساڳئي ڏينهن اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو ته درخواست داخل ڪئي ويندي.هن چيو ته عوام جي چونڊيل ماڻهن کي ئي حڪومت ڪرڻ جو اختيار آهي، درخواست مون ۽ اسپيڪر ڪي پي ڪي مشتاق غني تيار ڪئي آهي.










