ناڪارا جنگي سامان، باجوا جو بيان غلط پيش ڪيو ويو: ترجمان

ناڪارا جنگي سامان، باجوا جو بيان غلط پيش ڪيو ويو: ترجمان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر اڳوڻي آرمي چيف جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جو بيان پاڪستان جي مستقبل کي خطري کان ٻاهر پيش ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج جي جنگي تيارين بابت ميڊيا ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اهي ڳالهيون اڳوڻي آرمي چيف جي انٽرويو جي حوالي سان ٿيون.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج هميشه پنهنجي آپريشنل تيارين ۽ انتهائي جنگي صلاحيت تي فخر ڪئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي رهندي. پاڪ فوج مادر وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، پاڪ فوج پنهنجي انساني وسيلن سان ڀرپور هٿيارن، ساز و سامان ۽ جنگي وسيلن کي هميشه تيار رکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو