شڪارپور(ن سنڌيار) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي شڪارپور جي سول جج سجاد علي عباسي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي کيس 25 اپريل تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو. علي امين گنڊاپور کي خميس (20 اپريل) جي رات لاهور کان سکر آندو ويو ته سندس خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 131، 153، 504 ۽ 505 تحت داخل ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِايف آءِ آر (نمبر 78/) 2023) مان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. علي امين گنڊاپور خلاف ايف آءِ آر هڪ شهري امان الله بروهي جي فرياد تي داخل ڪئي وئي. علي گنڊاپور کي عدالت وٺي وڃڻ وقت پوليس سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا هئا، جتي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو وڏو انگ عدالت ٻاهران موجود هو جن سندس مٿان گلن جي ورکا ڪئي.










