ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، اهلڪار اغوا

ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، اهلڪار اغوا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ امداد بنگوار) جنگڻ ٿاڻي جي حد ليسوڙي پوليس چوڪي تي 10 کان وڌيڪ اڻڃاتل ھٿياربندن ڪاھ ڪري ھٿيارن جي زور تي پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي مٿن تشدد ڪيو. ڏوهاري هڪ اهلڪار ممتاز ٽانوري کي اغوا ڪري ويا جڏهن ته چوڪي تي موجود چئن پوليس اهلڪارن جا هٿيار ڦري فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ بعد ايس ايس پي ڪشمور جي حڪم تي پوليس جا وڏا اٽالا ۽ بڪتر بند گاڏيون دراني مهر واري علائقي ۾ اهلڪار جي بازيابي لاءِ پهچي ويون آهن پر آخري اطلاعن تائين پوليس اهلڪار جي بازيابي ۽ سرڪاري هٿيارن جي ريڪوري توڙي ملوث جوبدارن کي پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو