بيورو انگن اکرن مان غير مطمئن، آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ متوقع

بيورو انگن اکرن مان غير مطمئن، آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ متوقع

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) شماريات وارو وفاقي بيورو ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ آدمشماري جي انگن اکرن کان مطمئن ناهي.شماريات اداري جي عملدارن موجب ملڪ ۾ هلندڙ آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ جو امڪان آهي، آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان عيد کانپوءِ ڪيو ويندو.اختيارين موجب ڪراچي، جيڪ آباد، بلوچستان ۽ ٻين ضلعن ۾ مردم شماري جي تاريخ ۾ واڌ جو امڪان آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ جو فيصلو رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي عمري جي سعودي عرب وڃڻ سبب نه ٿي سگهيو.ٻئي طرف شماريات واري بيورو سڄي ملڪ ۾ 5 ڏينهن لاءِ مردم شماري جو فيلڊ آپريشن بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب عيدالفطر جي موڪلن سبب مردم شماري جو فيلڊ آپريشن بند ڪيو ويو آهي، 21 کان 25 اپريل تائين مردم شماري جو فيلڊ آپريشن بند هوندو، عيد جي موڪلن کانپوءِ مردم شماري فيلڊ آپريشن شروع ڪيو ويندو.نوٽيفڪيشن موجب هن وقت تائين ملڪ جي آبادي 23 ڪروڙ 45 لک کان وڌي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو