لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ اعجاز چوڌري جي اميدوار سان گڏ مبينا وڊيو ٽيپ سامهون آئي آهي.مبينا آڊيو ٽيپ ۾ فون ڪندڙ اميدوار چوڌري حفيظ پنهنجو تعارف ڪرائڻ بعد چيو ته هو ڪنهن کي صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ وٺڻ چاهي ٿو، پارٽي کي ڪيترو عطيو ڪرڻو پوندو؟ ان تي اعجاز چوڌري الزام مڙهيندي چيو ته جيڪڏهن توهان عمران خان سان ملڻ چاهيو ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ ڏيڻا پوندا، جيڪڏهن ٽڪيٽ وٺڻي آهي ته اڄ عمران خان سان ملڻ گهرجي، پارٽي لاءِ چندي جي حد لامحدود آهي.










