چونڊون هڪ ئي وقت ڪرايون وڃن، سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

چونڊون هڪ ئي وقت ڪرايون وڃن، سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزارت سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.بچاءَ واري وزارت سپريم ڪورٽ ۾ سيل بند درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. بچاءَ واري وزارت داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم واپس وٺي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ امن امان جي جاري صورتحال کي نظر ۾ رکندي 4 اپريل جو فيصلو واپس وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو