اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ 14 مئي تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ سڪيورٽي فراهم ڪرڻ واري معاملي تي ڳجهن ادارن جي سربراهن چيف جسٽس ۽ ٻين ججن سان ملاقات ڪئي.ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين ججن ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن وچ ۾ ملاقات ۾ ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ ڊفينس سيڪريٽري به موجود هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين چيف جسٽس جي چيمبر ۾ جاري رهي جنهن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر به چيف جسٽس جي چيمبر ۾ موجود هئا جڏهن ته ان ملاقات ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو.










