داسو ڊيم، چيني شهري تي توهين مذهب جو الزام، احتجاج

داسو ڊيم، چيني شهري تي توهين مذهب جو الزام، احتجاج

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ مزودرن چيني سپروائيزر تي توهين مذهب جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو آهي. پوليس ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي، چيني شهري جي جان کي خطرو محسوس ڪندي کيس فوجي هيليڪاپٽر ۾ ايبٽ آباد منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. چين جي هڪ نجي ڪمپني کي 2017 ۾ داسو ڊيم جو ٺيڪو مليو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سپروائيزر رمضان ۾ مزدورن پاران ڪم سست ڪرڻ ۽ ٽارگيٽ حاصل نه ڪرڻ تي تنقيد ڪئي جنهن بعد هيوي ڊمپرز جي ٻن ڊرائيورز ٿيل تڪرار بعد مٿس توهين مذهب جو الزام هڻي ڇڏيو ۽ 400 جي لڳ ڀڳ مزدورن آچر رات مٿس الزام هنيو. پوليس چيني شهري کي ٿاڻي تي وٺي وئي ته مزدورن سحري وقت ٿاڻي ٻاهران احتجاج ڪيو ۽ شاهراهه قراقرم بند ڪري ڇڏيو. مقامي عالم ۽ چڱا مڙس مزدورن کي ٿڌو ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته 3 ڊسمبر 2021 تي سيالڪوٽ جي هڪ فيڪٽري ۾ به اهڙو واقعو ٿيو هو مزدورن کان ڪم وٺڻ تي مٿس ڪوڙو الزام هڻي کيس بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو. سينٽر فار سيڪورٽي ريسرچ گذريل سال جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته 1947 کان وٺي 2021 تائين پاڪستان ۾ 89 ماڻهن کي توهين رسالت جي الزام هيٺ ماوراءِ عدالت قتل ڪيو ويو، جن ۾ 18 عورتون ۽ 71 مرد شامل هئا. تنظيم پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ان عرصي دوران پاڪستان ۾ 107 عورتن سميت 1405 شهرين تي ناموس رسالت جي قانون هيٺ الزام لڳا، عدالت مان هڪ کي به سزا نه ملي. 1287 شهرين تي 2011 کان 2021 دوران اهڙا ڪيس داخل ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو