خرطوم )ويب ڊيسڪ)سوڊان جي راڄڌاني خرطوم ۾ پاڪ فوج ۽ پيرا ملٽري فورسز وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ سعودي پرڏيهي وزير سوڊان جي جنگي فوجي اڳواڻن سان رابطو ڪيو آهي.سعودي پرڏيهي وزير ٻنهي کي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.سوڊان ۾ جهڙپ ۾ 56 شهري مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن، جنهن تي عرب ليگ ۽ چين سوڊان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ٻئي طرف قطر ايئرويز سوڊان لاءِ پنهنجو فلائيٽ آپريشن بند ڪري ڇڏيو آهي.ياد رهي ته ان کان اڳ 2021 ۾ پيرا ملٽري فورس سوڊاني فوج خلاف بغاوت ڪئي هئي جنهن فوجي بغاوت کانپوءِ اقتدار تي قبضو ڪيو هو.خرطوم ۾ ٻن سالن کان فوج ۽ نيم فوجي دستن وچ ۾ اقتدار لاءِ ويڙهه جاري آهي.










