اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پلواما حملي بابت والاريل ڪشمير جي اڳوڻي گورنر جو انڪشاف پاڪستان جي موقف جي حمايت ۾ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان والاريل ڪشمير جي اڳوڻي گورنر ستيا پال ملڪ جو بيان جاري ڪيو ويو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پلواما حملي تي ستيا پال ملڪ جي بيان پاڪستاني موقف جي تصديق ڪئي آهي، پلواما حملي بابت تازو انڪشاف پاڪستاني موقف جي حمايت ڪن ٿا.پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان تي دهشتگردي جا الزام لڳائي پنهنجي شرمناڪ داستان ۽ سياسي ايجنڊا کي هٿي ڏئي رهيو آهي.اميد آهي ته عالمي برادري تازي انڪشافن جو نوٽيس وٺندي، اميد آهي ته عالمي برادري پاڪستان خلاف ڪوڙ ۽ ٺڳي تي ٻڌل ڀارتي پروپيگنڊا جو نوٽيس وٺندي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت کي تازي انڪشافن ۾ اٿاريل سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن، پلواما حملي کانپوءِ علائقائي امن تي اثرانداز ٿيندڙ عملن جو ڀارت کي احتساب ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ڀارت جي غلط ۽ اشتعال انگيز بياني خلاف ثابت قدم رهي ۽ ذميواري سان ڪم ڪندو رهندو. .










