پي ٽي آءِ پنهنجي شرطن تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي: ناصر شاهه

پي ٽي آءِ پنهنجي شرطن تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي: ناصر شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) بند گلي ۾ اچڻ کانپوءِ حڪومت سان پنهنجي شرطن تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي.هڪ بيان ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اسد قيصر چوي ٿو ته پهرين قومي اسيمبلي ٽوڙي ته پي ٽي آءِ چونڊ سڌارن جي ڳالهه ڪندي.جيڪڏهن قومي اسيمبلي ٽوڙي وئي ته عمران نيازي سڌارن جي منظوري ڪير ڏيندو؟ هن چيو ته فواد چوڌري چوي ٿو ته حڪومت سان ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن اسٽيبلشمينٽ به گڏ ويهندي، پي ٽي آءِ جو اصل مقصد اسٽيبلشمينٽ سان ويهڻ ۽ ٻيهر چونڊجڻ جي ڪوشش آهي.سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته عمران نيازي پارلياماني نظام جو مخالف آهي ۽ صدارتي نظام چاهي ٿو ته ڪنهن جو احتساب نه ٿئي، جارج آر ويل جي ناول ”نائنٽين ايٽي فور“ کان متاثر ٿي عمران نيازي ”بگ برادر“ بڻجي ويو ۽ عوام کان پڇاڻوڪرڻ جو حق کسڻ چاهي ٿو.صوبائي وزير چيو ته عمران نيازي اقتدار ۾ واپس اچي جاسوسي جو اهڙو نظام آڻڻ چاهي ٿو ته جيئن هو سڀني جي زندگي تي ڪنٽرول ڪري سگهي.چون ٿا ته نيازي جهڙا وڏا بيمار ذهن حڪمران هن خطي تي مسلط ٿيا پر اڄ تاريخ ۾ دفن آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو