واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر بريڊ شرمن رابطو ڪيو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آمريڪي ڪانگريس ميمبر بريڊ شرمن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.آمريڪي ڪانگريس ميمبر بريڊ شرمين چيو آهي ته عمران خان سان گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.بريڊ شرمين اهو به چيو ته عمران خان ڊاڪٽر آصف محمود سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.










