مهر فقير
هن ويل منهنجي انهن هٿن جنهن ۾ اڪثر ڪري مختلف هٿيار هوندا آهن ۽ سدائين ملڪ ۽ قوم جي جان , مال ۽ عزت جي تحفظ خاطر تيار رهندو آهيان ۽ دشمن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهندو آهيان , اڄ اهي هٿيار ٿوري وقت لاء هنج ۾ رکي گڏيل شاعريء جو ڪتاب زنگجي ويل خواب جو مطالعو ڪري رهيو آهيان , جيڪو ڪتاب شهيد روبينه اڄڻ جنهن کي هيل تائين ڪٿان به انصاف ناهي مليو جنهن جا قاتل اڄ به آزاد گهمي رهيا آهن جي ڀاءُ ۽ ڀلوڙ شاعر سائين مبين اڄڻ ۽ ظهير لاڙڪ مرتب ڪيو آهي .مبين اڄڻ خيرپور ميرس جي شهر کهڙا جو بهادر صحافي ۽ سلڇڻو شاعر آهي جيڪو هڙان وڙان ۽ دوستن جي تعاون سان وقت به وقت ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي ته وري شهيد ڀيڻ کي انصاف ڏيارڻ خاطر احتجاج به ڪري رهيو آهي پر افسوس جو عدالتن جا دروازا هن مسڪين جي لاء اڃان تائين بند پيل آهن ڇو ته عدالتن جا دروازا صرف اميرن ۽ طاقت وارن جي خاطر کلندا آهن پوء اهو ڏينهن موڪل جو هجي يا اهو وقت رات جو ڪارو ۽ اونداهو وقت هجي پر غريب ويچارو چڪر ڪاٽي , ڪاٽي آخر فنا ٿي ويندو آهي ۽ عدالتن جي انا پوء به ختم نه ٿيندي آهي .ڪتاب جو نالو زنگجي ويل خواب دل سان نٿو ٺهڪي سو جي ڪتاب جو نالو خوابن جي خوشبوء , خوشبودار خواب يا خواب ماڻيندا تعبير هجي ها بهتر رهي ها ڇو ته اسان جي قوم زنگجي , زنگجي ختم ٿي وئي آهي , زنگ لوه کي ڳاري ختم ڪندو آهي يا جيئن سم ( ڪلر ) زرخيز زمين کي به بنجر بڻائيندي آهي .ادب قومن جي سڃاڻپ ۽ تاريخ هوندو آهي , ادب قومن جي تهذيب , ثقافت ۽ جاگرافي هوندو آهي , ادب قومن جي ريتن ۽ رسمن کي اجاگر ڪندڙ هڪ مضبوط مورچو هوندو آهي , ادب سماج ۾ ٿيندڙ براين کي ظاهر ڪندڙ ۽ ڍال بڻجي خاتمو ڪندڙ هوندو آهي , ادب نسلن جي آبياري ڪندڙ هوندو آهي , ادب آئيندي جي سنوارڻ جي ضمانت هوندو آهي , ادب سامراجي قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ مزاحمتي مورچو هوندو آهي , جنهن قوم جو ادب ڪمزور يا رنڊيء جي جسم وانگر ننگو هوندو آهي اهو ادب ۽ ادب تخليق ڪندڙ قومن جي لاء تلوار جي ضرب ۽ هٿيار جي گولي ثابت ٿيندو آهي جيڪو کين ختم ۽ ڀسم ڪري نالو نشان ئي ميٽي ڇڏيندو آهي .هن گڏيل شاعريء جي ڪتاب ۾ ڪافي سارن دوستن جو مختلف مواد مختصر تعارف سان گڏ شامل زينت آهي جنهن ۾ دوستن پنهنجي پسند جا اسم شايع ڪرايا آهن . زنگجي ويل خواب جو وچور ڏيڻ به لازمي ٿو سمجهان ته جيئن ادب دوستن کي هن ڪتاب بابت مختصر ۽ جامع ڄاڻ ملي سگهي .
ڪتاب جو سٽاءُ
ارپنا شهيد روبينه اڄڻ جي نانء
پبلشر نوٽ فياض انور بخاري
نفيس جذبن ۽ محبتن جو شاعر مبين اڄڻ ڄام صنم سنڌي
پنهنجي پاران ظهير لاڙڪ
تنهن بعد زنگجي ويل خواب ۾ شامل شاعرن جي گلدستي جو تعارف ۽ شاعري آهي پر اها خبر نٿي پوي ته ڪنهن شاعر کي صفحا وڌيڪ ڏنا ويا آهن ته وري ڪنهن جي نصيب ۾ گهٽ صفحا آهن , انهيء جو سبب ته ڪتاب مرتب ڪندڙ ئي ڏئي سگهن ٿا , سو جي تسلي بخش جواب ڏنائون ته سندن مهربانيون پر جي جواب کي گول مٽول ڪري ويا ته اهو ادبي حساب لکيو ويندو , ڏسجي رهجي ته ڇا ٿو ٿئي .
01 براهوئي غلام محمد رئيساڻي 02 زيب ڪنگو 03 مشتاق بخاري 04 مير منور علي ڀٽي 05 زيب مغيري 06 اظهار علي ڀٽي 07 مير حسن مهيسر 08 نوبت ڏهر 09 مهر فقير 10 سخاوت شيخ 11 وفا ياسين آرائين 12 عامر خليل 13 شبير حسن 14 سعود ساگر 15 صوفي اسد 16 اڻکٽ گبول ۽ 17 مبين اڄڻ .
آخر منجھ مبين اڄڻ جي مرتب ڪيل ڪتابن جو وچور پڻ ڏنل آهي جيڪو هن ريت آهي ۽ اهو به هتي لکڻ ضروري ٿو سمجهان ادبي آلجبرا جي مناسبت سان .
01 شهيد روبينه اڄڻ جي خون سان انصاف وارو سوال 02 نظمن جا نيڻ 03 گيڙو رنگ شاعري 04 موتين مالها شاعري 05 وايون مهڪيون واٽ تي ۽ 06 پره ڦٽيء جا پنڌ .
ان بعد ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ايوب کوسو طرفان ڪتاب بابت نهايت ئي جامع رايا پڻ ڏنل آهن , هن وقت ۽ مهانگي دور جي مناسبت سان ڪتاب جو مُلھ 500 روپيا نهايت ئي جائز آهي .
مون مٿان ميلا , لڳندا مهر فقير ,
حسن جا اسير , مرڻا ناهن ماڻهوئو .
مون مٿان ميڙا , مچندا مهر فقير ,
حسن سندا اسير , مرندا ناهن ماڻهوئو .
مون مٿان مقبرو , جڙندو ڏسندو جڳ ,
اسان جو ورتو دڳ , مسافر ماڳ رسندا .
مسافر ماڳ رسندا , هلي نقش قدم ,
اسان جو دين ڌرم , عشق ۽ انسان آ .
عشق ۽ انسان , آ مذهب کان مٿي ,
فقير ميلا هتي , لڳندا لاهوتين جا .
۽ ڪتاب ۾ شامل شاعرن جي شاعريء بابت پڻ پنهنجي راء جو اظهار ڪندا ته جيئن ڪتاب جا مرتب ۽ شامل شاعر دوستن جي ادبي رهنمائي ٿي سگهي ڇو ته پڙهندڙ , شاعر کان وڌيڪ نقاد به هوندو آهي ۽ اهڙي نقاد جي تنقيد اصلاح جو درجو رکندي آهي جنهن سان ليکڪ اڳتي هلي خود کي ويتر بهتر بڻائڻ جي جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪندو آهي .










