اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ڪيس ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان طرفان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي. جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ هن ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪري ۽ ٻين ججن تي مشتمل نئين بينچ جوڙي وڃي. اٽارني جنرل جي 7 صفحن تي ٻڌل متفرق درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري معاملي جي ٻڌڻي لاءِ نئين بينچ جوڙي وڃي. واضح رهي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بينچ اڄ 11:30 وڳي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، عدالت ناڻي، دفاع ۽ گهرو کاتن جي سيڪريٽرين کي طلب ڪري ورتو آهي.










