راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ پاڪ ايران سرحد تي دهشتگردن جي حملي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني سڪيورٽي فورسز جا اهلڪار معمول جي گشت تي هئا ته ڪيچ ضلعي ۾ پاڪ ايران سرحد تي جلگئي سيڪٽر ۾ دهشتگردن حملو ڪري ڏنو، حملي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب شهيد جوانن ۾ نائيڪ شير احمد، لانس نائيڪ محمد اصغر، سپاهي محمد عرفان ۽ سپاهي عبدالرشيد شامل آهن.عوامي رابطن واري کاتي موجب دهشتگردن خلاف موثر ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ايراني اختيارين سان رابطو ڪيو پيو وڃي.










