ڪراچي ۾  راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ، 11ڄڻا فوت،زخمي اسپتال منتقل

ڪراچي ۾ راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ، 11ڄڻا فوت،زخمي اسپتال منتقل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ نورس چورنگي وٽ راشن پهچائڻ دوران ڀاڄ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس اختيارين موجب راشن ورهائڻ دوران ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو.رپورٽن مطابق مقامي فيڪٽري پاران مستحقين ۾ راشن ورهايو پيو وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب جنهن جاءِ تي راشن ورهايو پيو وڃي اتي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ڀاڄ پئجي وئي.پوليس موجب، ڀاڄ دوران ويجھو نالي جي ڀت پڻ ڪري پئي، شروعاتي اطلاعن موجب 2 ٻارڙا ڊرين ۾ ڪري پيا، فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي ڄڻن کي پاڻي جي ناني ۾ ڪِرڻ سبب زخمي حالت ۾ پيش آيو.ريسڪيو ذريعن موجب فوتين ۾ 3 ٻار ۽ 8 عورتون شامل آهن.ريسڪيو ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته واقعي ۾ ڪيترائي ماڻهو بيهوش پڻ ٿي ويا آهن. انهن مان ڪجهه نازڪ حالت ۾ آهن.پوليس موجب 15 زخمين کي سول ۽ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، 9 لاش عباسي شهيد ۽ 2 لاش سول اسپتال پهچايا ويا.فيصل ايڌي موجب عباسي شهيد اسپتال آندو ويو سمورا لاش عورتن جا آهن، جن ۾ 3 ڇوڪريون به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو