دادو(ن س ) دادو ۾ ڊي ايس پي سٽي جي آفيس ۾ ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي کلي ڪچھري جو انعقاد ڪيو ويو کلي ڪچھري ۾ دادو ضلع جي مختلف شھرن ، ڳوٺن جي ماڻھن ۽ دادو شھر جي واپارين ، عام شھرين سماجي ڪارڪنن ، صحافين ۽ پوليس جي آفيسرن شرڪت ڪئي ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ کلي ڪچھري ۾ اسٽيج جي ڪاروائي ھلائي ان موقعي تي ماڻھن پاران ڏنل درخواستن کي ايس ايس پي پاران سڌي ريت ٻڌو ويو ضلعي جي ڪيترن ئي ماڻھن پنھنجا پنھنجا مسئلا پيش ڪيا بروقت ايس ايس پي موقعي تي انھن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ھدايتون جاري ڪيون ، کلي ڪچھري ۾ دادو جي صحافي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل تعلقي دادو جي صدر ڪامران ڪورائي پاران دادو جي نوجوان شھري دانش جمالي جي قتل واقعي سميت صحافين جي چورين بابت ايس ايس پي کي شڪايتون ڪيون ڪيترن ئي شھرين امن وامان جي صورتحال تي پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪيو جنھن تي ايس ايس پي دادو عوام سان مخاطب ٿيندي چيو ته شھيد دانش جمالي جا قاتل گرفتار ڪيا ويا آھن قانون مطابق ان قتل ڪيس جي پوليس پوئواري ڪري رھي آھي باقي امن امان جي صورتحال بھتر آھي دادو پوليس امن امان کي بحال رکڻ لاءِ بھادري سان ڏوھارين خلاف ڪاروايون ڪري رھي آھي اسان منشيات فروشن خلاف سڄي ضلعي ۾ آپريشن شروع ڪيو آھي جنھن ڪري ھر شھر ۾ منشيات فروشن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آھن ھن چيو ته دادو ضلعي جي 4 تعلقن ۾ پوليس پاران کلي ڪچھرين جو انعقاد ڪيو ويندو اڄ تعلقي دادو ۾ کلي ڪچھري ذريعي گھڻيون عوامي شڪايتون ۽ ماڻھن جي تڪليفن جو ازالو ڪيو آھي مان شريڪ ٿيندڙ پوليس آفيسرن ، واپارين ، شھرين ، ڳوٺاڻن ، صحافين جو مشڪور آھيان جن دادو پوليس جي ھن عوام دوست عمل کي بھتر سمجھندي ڀرپور شرڪت ڪئي آھي ھن چيو ته ايس ايس پي آفيس ۾ به منھنجا عوام لاءِ دروازا کليل آھن ۽ مان پاڻ عوام وٽ وڃي سندن شڪايتن جو ازالو چاھيان ٿو ان موقعي تي ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ ،ڊي ايس پي جوھي بشير احمد کونھارو ڊي ايس پي پوليس ھيڊڪوارٽر بشير سومرو سميت وومين پوليس جي انچارج انسپيڪٽر بينظير جمالي ايس ايڇ او اي سيڪشن دادو ايس ايڇ او بي سيڪشن دادو سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز شرڪت ڪئي ڊي ايس پي سٽي دادو عبدالخالق وڳڻ پاران ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي وئي کلي ڪچھري سبب سڪيورٽي جو انتظام سخت ڪيو ويو ھيو دادو ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز پاران ڏوھارين جي ڪارواين ۾ ڦر ڪيل موٽرسائيڪلون ۽ موبائيل فونز پڻ ھٿ ڪرڻ بعد اھو سامان کلي ڪچھري ۾ رکيو ويو ۽ ماڻھن کي چيو ويو ته پوليس پاران ھٿ ڪيل سامان پنھنجي سڃاڻپ سان متاثرين جي حوالي ڪيو ويندو
خالد مقبول ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چيئرمين چونڊجي ويو
پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان
مٽي جي ذخيرن جي نمونن ۾ شيشي جهڙو مواد مواد دريافت
عمر ڪوٽ جو دورو، صحافين سان تعلقات وڌيڪ بھتر بنائڻ آهي
سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، مفت بجلي لاءِ قدم کڻون پيا
12 مئي تي آمر تعصب جي باهه ڀڙڪائي ۽ ڪراچي کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو
بجيٽ ۾ رعايتون مرحليوار ختم ڪرڻ جي تجويز
اسان کي 12 مئي جهڙن سانحن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي :بلاول ڀٽو
آزاد ڪشمير صورتحال تي ڳڻتي، ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪبو
معاشي استحڪام لاءِ ادارن جي نجڪاري ضروري آهي
اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جا حملا، 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد
لاهور ۾ اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد مارجي ويا
افغانستان ۾ برساتن ۾ فوتين جو انگ 300 ٿي ويو،سوين گم
سموري دنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي
آزاد ڪشمير ۾ مهانگي بجلي خلاف احتجاج، وڳوڙ، ڪيترائي زخمي
اسٽريٽ ڪرائم مزاحمتن تي قتلن ۾ اضافو ٿيو: آءِ جي سنڌ
صدر جو آزاد ڪشمير جي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب
آزاد ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ سبب انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل
بلوچستان تي قبضو ڪندڙ هوش ڪن، امير جماعت اسلامي
انٽر ميڊيئيٽ جي سالياني امتحانن جو اعلان