سنڌ فوڊ اٿارٽي ٽيم جي اورنگي ٽائون ۾  ڪارروائي

سنڌ فوڊ اٿارٽي ٽيم جي اورنگي ٽائون ۾ ڪارروائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خوراڪ کاتي واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر جي هدايتن تي سنڌ فوڊ اٿارٽي رمضان المبارڪ دوران کاڌي پيتي جي شين جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي سرڪاري اگهه تي وڪرو کي يقيني بڻائڻ لاءِ اٿارٽي جي اسپيشل ٽيمون فعال آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم مومن آباد اورنگي ٽائون ۾ ڪارروائي ڪئي. ٽيم جي سربراهي ڊپٽي ڊائريڪٽر بشير خان ڪئي، ٽيم سان لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به گڏ هئا. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم صفائي جي ناقص انتظامن ۽ غير معياري کاڌي پيتي جون شيون وڪرو ڪندڙن تي ڪيترن ئي دڪاندارن تي ڏنڊ پڻ لڳايو. ٽيم کاڌي پيتي جي شين جي معيار ۽ زندگي جي ضروري شين جا سرڪاري اگهه پڻ چيڪ ڪيا. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ اٿارٽي محمد بشير خان چيو ته رمضان المبارڪ دوران کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. خوراڪ کاتي واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر جي هدايت تي کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙن خلاف خاص مهم جاري آهي. ان موقعي تي کاڌي پيتي جي شين جي معيار کي جانچڻ لاءِ موبائيل ٽيسٽنگ ليب پڻ ٽيم سان گڏ هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو