اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان جي فوڪل پرسن حسان خان نيازي کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي ڪوئيٽا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.جڊيشل مئجسٽريٽ مريد عباس حسان خان نيازي کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي ڪوئيٽا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.عدالت چيو ته ڪوئيٽا پوليس عبوري رمانڊ جي درخواست ڪئي ته ڪوئيٽا جي جوڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو وڃي، حسان خان نيازي جو هڪ ڏينهن جو عبوري رمانڊ منظور ڪيو ويو آهي.عدالت حڪم ڏنو ته حسان خان نيازي کي جاچ آفيسر 25 مارچ تي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جنهن بعد ڪوئيٽا پوليس حسن نيازي کي اسلام آباد جي عدالت مان حراست ۾ وٺي ڪوئيٽا روانو ٿي ويو.










