خان جي گرفتاري نه ٿي سگهي، پوليس واپس اسلام آباد رواني

خان جي گرفتاري نه ٿي سگهي، پوليس واپس اسلام آباد رواني

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس زمان پارڪ لاهور ۾ عدالتي نوٽيس پي ٽي آءِ قيادت حوالي ڪرڻ بعد واپس رواني، زمان پارڪ ٻاهران پوليس اهلڪارن ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ منهن ماري ٿي، نجي سيڪيورٽي گارڊز به پوليس کي عمران خان جي گهر وڃڻ نه ڏنو اسلام آباد پوليس چيو آهي ته عمران خان گرفتاري کان لنوائي رهيو آهي، اي ايس پي سٽي ڪمري ۾ ويو پر عمران خان موجود نه هو اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، عدالت عمران خان کي گرفتار ڪري 7 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو
مريم نواز جو ٽوئيٽ
نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جو ٽوئيٽ بيان ۾ ردعمل سامهون آيو آهي ته شينهن بيگناهه هجڻ باوجود ڌيءُ سان گڏ گرفتاري ڏيندو آهي، گدڙ چور ٿئي ته گرفتاري جي ڊپ ۾ ٻين جي نياڻين کي ڍال بڻائي لڪي ويندو آهي مريم نواز جو چوڻ هو ته ٻاهر نِڪر بزدل ماڻهو! قوم ليڊر ۽ گِدڙ ۾ فرق ڄاڻي ورتو آهي، نواز شريف کي ٿوري بهادري عمران خان کي اُڌاري ڏيڻ گهرجي،،
عمران خان جا وارنٽ چيف آف اسٽاف شبلي فراز وصول ڪيا
عمران خان جا وارنٽ چيف آف اسٽاف شبلي فراز وصول ڪري ورتا، هن وارنٽ تي لکيو ته عمران خان پيش نه ٿيو، عمران خان قانون جي پاسداري ڪندو.پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته عمران خان گهر ۾ موجود ناهي.شبلي فراز خلاف قانوني ڪارروائي ۾ غلط بياني تي ڪارروائي ٿيندي.پي ٽي آءِ اڳواڻن يقين ڏياريو ته هو قانون تي عمل ڪندا، اميد آهي ته عدالت ۾ پيش ٿيندا.امن امان برقرار رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.جوابدار عمران خان جي 7 مارچ تي پيش ٿيڻ لاءِ عدالتي حڪم تي عمل ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو