ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته لاڊله ازم ملڪ لاءِ خطرو بڻجي رهيو آهي.هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ٻن کان وڌيڪ ججن چيو ته هي سوموٽو نه آهي، اهي ڳالهيون لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هلي رهيون آهن، سوموٽو منٽن ۾ ورتو ويو ۽ منٽن ۾ فيصلو اچي ويو، ان وڏو ڪيس ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل جو ڪيس رهجي ويو.شرجيل ميمڻ چيو ته لاڊلي لاءِ رات جا ٻارهن وڳي عدالتون ڪيستائين کليل رهنديون، لاڊلازم ملڪ لاءِ خطرو بڻجي رهيو آهي، لاڊلازم ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، اليڪشن جي تاريخ جي فيصلي تي ٻن ججن اعتراض ڪيو، 4 ججن چيو ته اهو سوموٽو نٿو ٺهي، اڪثريتي ججن چيو ته اهو سپريم ڪورٽ جو اختيار ناهي.سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته جڏهن چونڊون ٿينديون ۽ نتيجا ايندا، عمران خان نتيجا قبول نه ڪندو، چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، ڪو ضمانت ڏئي ته عمران خان چونڊن جا نتيجا قبول ڪندو. عمران خان مولا جٽ بڻجي ويو آهي، اسان کي به عدالتون ۽ جيلن جو منهن ڏسڻو پيو، پر اهڙي رعايت نه ملي.هنن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ غلط روايتون قائم ڪري رهيو آهي، عمران خان کي گرفتار ڪيو وڃي، عمران خان مسلسل قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.










