9 مئي ڪيس ،شير شاهه جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

9 مئي ڪيس ،شير شاهه جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت عليما خان جي پٽ شير شاهه جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو آهي.لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج منظر علي گل نمائي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عليما خان جي پٽ شير شاهه کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کي 9 مئي تي جناح هائوس حملي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.پوليس جوابدار شير شاهه جي 30 ڏينهن جي ريمانڊ جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته جوابدار حسن نيازي سان گڏ واقعي واري هنڌ موجود هو ۽ ماڻهن کي زمين ساڙڻ لاءِ اُڪسائي رهيو هو.دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پوليس جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ۽ بعد ۾ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي عليما خان جي پٽ شير شاهه جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو، جنهن کي ڪالهه 9 مئي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو