لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ باني جي وڊيو لنڪ تي حاضري جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار، عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،جسٽس انوار الحق رمارڪس ۾ چيو ته جڏهن درخواست گذار کي جيل مان ٻاهر نڪرڻ جي اميد ٿي ته توهان انهن ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، قانون ته اهو آهي ته جيئن ئي جوابدار جي خبر پوي ته کيس گرفتار ڪيو، توهان پهرين ڇو گرفتار نه ڪيو؟ پراسڪيوٽر جنرل پنجاب چيو ته ان وقت جوابدار عبوري ضمانت تي هو، کيس گرفتار نه پئي ڪري سگهياسين، پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب پي ٽي آءِ باني جون عدالت ۾ ٽويٽس به پڙهي ٻڌايون ۽ چيو ته هڪ مخصوص بيانيو ٺاهيو ويو جسٽس انوار الحق چيو ته جيڪا ٽويٽ توهان پڙهي ان کان وڌيڪ ڌمڪيون ته اڄڪلهه ججز کي ملي رهيون آهن، توهان اهو ٻڌايو ته ووٽ کي عزت ڏيو بيانيو نه آهي؟ پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب چيو ته ووٽ کي آرمي چيف جي ڪري عزت نه پئي ملي اهو چوڻ ته بيانيو نه آهي نه؟ جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج کي ڏسڻ گهرجي ها ته رمانڊ ٺهي به ٿو يا نه، درخواست گذار جي خلاف سيڪشن ڪهڙو لڳي ٿو؟ پراسيڪيوٽر جنرل جواب ڏنو ته سيڪشن 121 تحت بغاوت جي ڪارروائي ٿيندي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته اهو سيڪشن لاهور هاءِ ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پراسيڪيوٽر جنرل پي ٽي آءِ باني جون درخواستون رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي، عدالت استدعا رد ڪري ڇڏي 15 جولاءِ تي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جو 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو هو










