راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان مشروط معافي گهرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو ته پهريان 9 مئي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز آنديون وڃن. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا ماڻهو 9 مئي واقعن ۾ ملوث ڏٺا ويا ته معافي به گهرندس، انهن کي پارٽي مان به ڪڍندس ۽ سزا به ڏياريندس.هن چيو ته ثبوت اوهان وٽ آهن ته پوءِ ڇو لڪائي رهيا آهيو، ثبوت لڪائڻ ڏوهه آهي، پيٽرول بم اسان صرف زمان پارڪ لاهور ۾ استعمال ڪيا هئا ٻئي ڪنهن به هنڌ تي پيٽرول بم استعمال نه ڪيا ويا. جيڪڏهن ڪو تنظيمي عهديدار حساس عمارتن تي پيٽرول بم اڇلڻ ۾ ملوث آهي ته ان کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي.عمران خان چيو ته ڇا صرف آءِ ايس پي آر جي عزت آهي، پاڪستان ۽ عالمي سطح تي مشهور شخص جي ڪابه عزت نه آهي، مون کي رينجرز گهليو، ڇا اوهان جو حق نه آهي ته اوهان مون کان معافي گهرو، معافي اهو گهرندو آهي جنهن ڪا غلطي ڪئي هجي، مون ته ڪابه غلطي نه ڪئي، هنن پرامن احتجاج کي دهشتگردي بنائي ڇڏيو. مان مظفرڳڙهه جو پوليس وارو نه آهيان جو پهريان تشدد ڪيو وڃي ۽ بعد ۾ منهنجو آءِ جي ئي وڃي معافي گهري.ڊي جي آءِ ايس پي آر جي 9 مئي بابت موقف تي قائم رهڻ جي سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته اسان به 9 مئي کي معاف نه ڪنداسين. اسان جي ماڻهن تي تشدد ڪيو ويو، پارٽي کي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ نه ڏنو ويو، 9 مئي جا متاثرين اسان آهيون، اسان کي انصاف گهرجي. قاضي فائز عيسيٰ اسان کي چيڀاٽڻ جو پورو موقعو ڏنو.عمران خان چيو ته 9 مئي تي اسان جا 16 ماڻهو شهيد ٿيا، 3 ماڻهن جون ٽنگيون ڪٽجي ويون، هڪ ماڻهو مفلوج ٿيو، اسان پنهنجي ڪارڪنن جي مالي امداد ڪئي پر پوليس طرفان انهن تي دٻاءُ وڌو ويو ته هو ان حوالي سان نه ڳالهائيندا.هن چيو ته جيڪڏهن ڪو انهي معاملي تي نٿو ڳالهائڻ چاهي ته نه ڳالهائي مان به نه ڳالهائيندس، اسان ملڪ ۾ انتشار نٿا چاهيون. مان ملڪ جي خاطر ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون. 8 فيبروري تي سڏ انهي لاءِ نه ڏنو ڇو ته عوام کي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ها، پوءِ سموري ذميواري اسان جي مٿان لڳائي وڃي ها.شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏيڻ بابت سوال تي عمران خان چيو ته شيخ مجيب الرحمان جي باري ۾ جيڪو ڳالهايو اها حمودالرحمان ڪميشن جي فائنڊنگز آهن مهنجي نه.شهباز گل، مراد سعيد، قاسم سوري، فرح گوگي ۽ احسن جميل گجر کي واپس نه گهرائڻ بابت سوال تي عمران خان چيو ته اسان کي عدالتن کان ڊپ نٿو لڳي. منهنجا سالا، ڀينرون، ڀاڻيجن تي ڪيس داخل آهن، پر هتي ٽرائل نٿو ٿئي. ويگو گاڏي اچي ويندي آهي هي ماڻهن کي گرفتار نٿا ڪن پر اغوا ڪري ويندا آهن.هن وڌيڪ چيو ته حسينه واجد واقعي کان پوءِ مون کي لڳي رهيو آهي ته ملڪ ۾ ڪجهه وڏو ٿيڻ وارو آهي، حسينه واجد جهڙي طرح ملڪ مان فرار ٿي مون کي شڪ آهي ته نوازشريف، آصف زرداري شهباز شريف به ملڪ مان فرار ٿيندا، ان ڪري مون سميت نوازشريف، شهباز شريف، آصف زرداري ۽ محسن نقوي جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي، مان جيل مان ٻاهر به اچان تڏهن به ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهان.










