9 مئي، قريشي آزاد، 4 ٻين جوابدارن کي 10 سال جي سزا

9 مئي، قريشي آزاد، 4 ٻين جوابدارن کي 10 سال جي سزا

لاهور(ويب ڊيسڪ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ 13 ٻين جوابدارن کي 9 مئي جي هڪ ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻين چار اڳواڻن ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيما، ميان محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري کي ڏهه، ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي۔
انهن پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اڳ ئي پنجاب جي مختلف عدالتن 9 مئي 2023 تي ٿيل تشدد سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ ڏوهاري قرار ڏئي جيل موڪلي ڇڏيو هو۔ ان ڏينهن پارٽي جي حامين ۽ ڪارڪنن باني عمران خان جي گرفتاري جي ردعمل ۾ فوجي تنصيبات ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچايو ۽ باهه لڳائي هئي۔
جج منظر علي گل، ڪوٽ لکپت جيل جي اندر فيصلو ٻڌائيندي ايف آءِ آر نمبر 852/2023 ۾ ڪيس اڪلائي ڇڏيو. جيڪو گورنمينٽ آفيسرز ريزڊنس ـ آءِ ڪلب چوڪ جي داخلي گيٽ تي حملي سان لاڳاپيل هو۔ ريس ڪورس پوليس ڪيس داخل ڪري 25 شڪي ماڻهن، جن ۾ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل هئا، خلاف چالان جمع ڪرايو هو۔
هي پنجون ڪيس آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيما، ميان محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري کي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو اهو موقف درست تسليم ڪندي ته هو 9 مئي تي زال جي بيماري سبب ڪراچي ۾ هو، کيس بري ڪيو ويو۔
ان کان اڳ فيصلا 9 مئي جي احتجاجن دوران شادمان پوليس اسٽيشن تي حملي، شيرپاؤ پل تي تشدد، راحت بيڪري ڀرسان پوليس گاڏين کي باهه لڳائڻ، ۽ جناح هائوس ڀرسان سپريم ڪورٽ جي جج جي اسڪواڊ گاڏي ساڙڻ سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ ٻڌايا ويا هئا۔

پهنجو تبصرو موڪليو