9 مئي ڪيس 5 جوابدارن جي ضمانت منظور،جاچ تي سنگين سوال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ 9 مئي سانحي جي 5 جوابدارن جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واريون درخواستون منظور ڪري ورتيون.جوابدارن جي ضمانت 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪئي وئي.ان سلسلي ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.جسٽس جمال خان مندوخيل ايف آءِ آر ۾ دهشتگرديءَ جون شقون لاڳو ڪرڻ تي رمارڪس ڏنا ته توهان کي خبر آهي ته ڪهڙين حالتن ۾ دهشتگردي جون شقون لڳايون وينديون آهن؟ تازو دهشتگردي جي واقعي ۾ هڪ آفيسر شهيد ٿيو، اهو دهشتگردي جو واقعو آهي.جسٽس مندوخيل چيو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول سانحو دهشتگردي جو واقعو هو، ڪوئيٽا ۾ وڪيلن تي آپگهاتي ڌماڪو دهشتگردي آهي، پنهنجي سياسي راند کي سياسي ميدان ۾ وڙهو، عدالتن ۾ سياسي ويڙهه نه وڙهو.جسٽس مندوخيل چيو ته جڏهن هٿيار هٿ نه ٿا اچن ته لاڳاپيل شق لاڳو نه ٿي ڪري سگهجي.جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته سرڪاري آفيسر جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو سيڪشن به لڳايو ويو، ان ڏوهه جي سزا 2 سال آهي، سمورا شاهد پوليس آفيسر آهن، ڪو به آزاد شاهد ناهي.عدالت ۾ جسٽس مسرت هلالي چيو ته شاهد پوليس آفيسر ٿي سگهن ٿا پر اهي ثبوت پيش ڪن.وڪيل صفائي چيو ته جوابدارن جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو به تعلق ناهي.جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته سياسي پارٽي سان تعلق رکڻ ڏوهه آهي. اسان سياسي پارٽين ۽ شاگرد يونين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ان ڪري اسان ان موڙ تي پهتا آهيون، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته جيڪڏهن والدين ناراض آهن ته ٻارن کي ٻه ٽي ڀيرا چڙهائي ڪري راضي ٿي وڃن، سڀني کي تالا بندي ڪرڻ سان ڪهڙو فائدو؟ بهرحال هڪ سال گذري ويو.جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته جوابدارن تي فائرنگ جا به الزام آهن، نه هٿيار هٿ ڪيا ويا ۽ نه ڪو پوليس اهلڪار زخمي ٿيو.جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته جاچ آفيسر پنهنجي نالي تي ڪهاڻيون ٺاهي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو