اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جو مدو 12 آگسٽ جي رات 12 وڳي تائين آهي. ان کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ جو مشورو صدر ڏانهن موڪليو ويندو.انٽرويو ۾ هن چيو ته 9 مئي جو واقعو پاڪستان، پاڪ فوج ۽ آرمي چيف خلاف سازش هئي.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته 9 مئي جي سازش جو ماسٽر مائينڊ پي ٽي آءِ چيئرمين هو، جنهن ۾ عورتون، مرد، سياسي پارٽيون، ڪجهه سپاهي ۽ خاندان شامل هئا.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو آهي ته 9 مئي جي سازش ڪندڙ فوج جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش هئي.پاڪستان جي وزيراعظم اهو به چيو آهي ته 9 مئي جي سازش ڪندڙ پاڪستان ۾ انتشار ۽ گهرو ويڙهه چاهين ٿا.
