9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ويندي:شاهه

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ويندي ۽ 3 مهينن کان پوءِ چونڊون ٿينديون.خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليون به 9 آگسٽ تي ٽوڙيون وينديون. نگران وزيراعظم جي لاءِ پنج نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا آهن جن ۾ سياسي نالا به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو