اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.شهر علي خان ملڪ ۾ چونڊ ڌانڌلي جي بنياد تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي درخواست ڪئي هئي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 19 فيبروري تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.سپريم ڪورٽ جو جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي به ٽه رڪني بينچ جو حصو هوندا. سپريم ڪورٽ درخواستگذار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.










