ڪراچي، مختلف ٽريفڪ حادثا، 2 ٻارڙن سميت 8 ڄڻا فوت

ڪراچي، مختلف ٽريفڪ حادثا، 2 ٻارڙن سميت 8 ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچيءَ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ 2 ٻارڙن سميت 8 ڄڻا فوت جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.ريسڪيو حڪام موجب سولجر بازار اسٽاپ وٽ گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪورنگي ڪراسنگ وٽ گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ 5 ورھين جو ٻارڙو فوت ٿيو. ملير جناح ايوينيو وٽ اڻڄاتل گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.عائشه منزل وٽ 2 موٽرسائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت ۽ 3 زخمي ٿيا، جڏهن ته بلديہ ناردرن بائي پاس وٽ واٽر ٽينڪر ۽ ٽريلر ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب واٽر ٽينڪر ڊرائيور فوت ٿي ويو. پورٽ ڪاسم وٽ ٽريلر جي ٽڪر ۾ 11 ورھين جو ٻارڙو فوت ٿيو، جڏهن ته بلديہ حب ريور روڊ وٽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ 30 ورھين جو شخص زخمي ٿي پيو.ريسڪيو حڪام موجب رستي جي حادثن جا تفصيل ظاهر ٿي ويا آهن، جنهن موجب هلندڙ سال ڪراچيءَ ۾ مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ هينئر تائين 603 ڄڻا فوت ۽ 7 هزار 467 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن. فوت ٿيلن ۾ 463 مرد، 73 عورتون ۽ 67 ٻار شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 5 هزار 649 مرد، هڪ هزار 322 عورتون ۽ 496 ٻار شامل آهن.اعداد و شمار موجب هلندڙ سال ڳريون گاڏين جي حادثن ۾ 184 ڄڻا فوت ٿيا. ڊمپر جي ٽڪر ۾ 12، ٽريلر جي ٽڪر ۾ 84، واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ 46، مني ٽرڪ جي ٽڪر ۾ 18 جڏهن ته بسين جي ٽڪر ۾ 24 ڄڻا فوت ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو