8 سالن کان گم شهري بازياب نه ٿيو، ڪاوڙ، اختياريون طلب

8 سالن کان گم شهري بازياب نه ٿيو، ڪاوڙ، اختياريون طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ 8 سالن کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽي سربراهه کي طلب ڪري ورتو.عدالت ڊي آءِ جي کي ڪيس جي جاچ آفيسر کي تبديل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته شهري جي ڳولا لاءِ جي آءِ ٽي جا 46 اجلاس ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا 15 اجلاس ٿي چڪا آهن، شهري عبدالرحمان جي جبري گمشدگي ثابت ٿي چڪي آهي،بچاءَ واري وزارت جي نمائندي لکت ۾ جواب جمع ڪرايو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عبدالرحمان ڪنهن به وفاقي اداري جي تحويل ۾ ناهي، وفاقي حڪومت جي ماتحت ڪنهن به ايجنسي عبدالرحمان کي گرفتار ناهي ڪيو، شهري ملڪ کان ٻاهر سفر به ناهي ڪيو. عبدالرحمان جي ماءُ جو چوڻ هو ته پٽ کي گهر مان ڪڍيو ويو آهي، ٻڌايو ويو آهي ته جاچ کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويندو.رينجرز جي پراسيڪيوٽر چيو ته ٻه ڀيرا لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ کانپوءِ به عبدالرحمان کي رينجرز حراست ۾ ناهي ورتو.عدالت گم ٿيل شهري بابت 27 فيبروري تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو