ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) حضرت عبدالله شاهه غازيؒ جي عرس جي موقعي تي 8 جون تي مقامي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي هيومن ريسورس مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ پاران باقاعدي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب 22 ذوالحج 1447 هجري، بمطابق 8 جون تي شهر ۾ مقامي موڪل هوندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اها موڪل سٽي ڪائونسل ڪراچي پاران منظور ڪيل قرارداد جي روشنيءَ ۾ ڏني پئي وڃي، موڪل دوران ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي انتظام هيٺ هلندڙ سمورا آفيسون بند رهنديون.پڌرائيءَ موجب، اهي سڀئي ادارا ۽ آفيسون جيڪي ضروري ۽ هنگامي نوعيت جون خدمتون سرانجام ڏيندا آهن، اهي معمول موجب ڪم جاري رکنديون ته جيئن شهرين کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائيءَ جو چئلينج نه ٿئي.ڪي ايم سي اختيارين جو چوڻ آهي ته مقامي موڪل جي فيصلي جي باقاعدي منظوري مجاز اٿارٽي ڏني آهي، جنهن کانپوءِ ان فيصلي بابت سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ شعبن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته جيئن نوٽيفڪيشن تي اثرائتو عمل درآمد يقيني بڻائي سگهجي.










