7 آگسٽ تي سنڌ ۾ ڦيٿا جام هڙتال ۽ روڊن تي ڌرڻن جو اعلان

7 آگسٽ تي سنڌ ۾ ڦيٿا جام هڙتال ۽ روڊن تي ڌرڻن جو اعلان

شهدادپور (ن س )امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي پيٽروليم ليوي، مهانگائي ۽ عوام دشمن ٽيڪسن خلاف 7 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ ڦيٿا جام هڙتال ۽ احتجاجي ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويو آهي.جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ پريس ڪلب شھدادپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 7 آگسٽ تي سنڌ جي سڀني ضلعن کي ملائيندڙ اهم شاهراهن، رستن ۽ بندن تي ڌرڻا هنيا ويندا، جڏهن ته صرف ايمبولينسن کي گذرڻ جي اجازت هوندي.ڪاشف سعيد شيخ چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لڳاتار واڌ، پيٽروليم ليوي ۽ مهانگائي عوام جي زندگي اجيرڻ بڻائي ڇڏي آهي. حڪومت پنهنجي معاشي ناڪامين ۽ فضول خرچين جو بار نون ٽيڪسن، مهانگي بجلي، گيس ۽ يوٽيلٽي بلن جي صورت ۾ عوام تي وجهي رهي آهي. هن الزام هنيو ته حڪمران عوام کي سادگي ۽ بچت جو درس ڏين ٿا، جڏهن ته پاڻ سرڪاري خرچن ۽ مراعتن ۾ مسلسل اضافو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين روزاني بنيادن تي ڪري عوام تي وڌيڪ بار وڌو آهي، جڏهن ته پيٽرول تي لاڳو ڳرا ٽيڪس ۽ ليوي فوري طور ختم ڪئي وڃي. هن مطالبو ڪيو ته آءِ پي پيز سان ٿيل مهانگا معاهدا ختم ڪيا وڃن، بجلي ۽ گيس جي بحران تي ضابطو آندو وڃي ۽ روزمره استعمال جي شين جون قيمتون گهٽايون وڃن.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، اٽي سميت بنيادي خوراڪي شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ قرضن تي ٻڌل معاشي نظام عوام کي سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هن حڪومت تي الزام هنيو ته اها ذخيرو اندوزي ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي.هن ٻڌايو ته 7 آگسٽ کان اڳ سڄي سنڌ ۾ عوامي رابطي جي مهم تحت ڪارنر گڏجاڻيون ۽ عوامي ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا. احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ عالمن، واپارين، وڪيلن، مزدورن، هارين، نوجوانن، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان رابطا ڪيا ويندا. ڪاشف سعيد شيخ عوام کي اپيل ڪئي ته هو 7 آگسٽ تي ٿيندڙ ڌرڻن ۽ ڦيٿا جام هڙتال ۾ ڀرپور شرڪت ڪن، جڏهن ته نوجوان پنهنجون موٽر سائيڪلون رستن تي آڻي احتجاج جو حصو بڻجن.ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جا اڳواڻ افضل آرائين، پروفيسر سهيل احمد شارق، زاهد راجپر، رفيق منصوري، ارشد خاصخيلي ۽ شوڪت ڪمبوه پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو