حيدرآباد (پ ر) 7 جون 2023ع تي ڳوٺ منگر خان پليجو، جنگشاهي ۾ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي پنجين ورسي جي جلسي عام جون تياريون تيزي سان جاري آهن. ان سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، شاعرن، صحافين، وڪيلن، شاگردن، هارين ۽ مزدرو اڳواڻن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي ۽ عوامي جمهوري پارٽي جي صدر لال شاهه، ڊاڪٽر اسلم پرويز ۽ پروفيسر سراج سيال کي دعوت ڏني. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي ڳالهائيندي چيو ته رسول بخش پليجي پنهنجي سڄي زندگي مظلوم قومن ۽ طبقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري ۽ هو آخري دم تائين پنهنجي نظريي تي قائم رهيو. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر لال شاهه ڳالهائيندي چيو ته محترم رسول بخش پليجو صاحب گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو هڪ سياستدان سان گڏوگڏ اعلى پائي جو اديب، دانشور ۽ نقاد هو. اهو پليجي صاحب جو ڪمال آهي جو هن سنڌ جي پٺ تي پيل عورتن کي سياسي شعور ڏيئي قومي ۽ طبقاتي جدوجهدن جي اڳواڻي ڪرائي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته سياسي طور موجوده گهوٽ ۽ ٻوسٽ واري صورتحال ۾ محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ورسي جو جلسي عام مظلوم قومن ۽ طبقن جو سگهار آواز ثابت ٿيندو. موجوده ملڪي صورتحال ۾ فقط ۽ فقط اقتداري سياست تي ڳالهايو پيو وڃي، پر سنڌ ۽ سڄي ملڪ جي مظلوم قومن، طبقن ۽ مسڪين ماڻهن جا جيڪي بنيادي مسئلا آهن، انهن تي ڪوبه ڳالهائڻ وارو نه آهي. رسول بخش پليجي صاحب جي ورسي جي جلسي عام ۾ سڄي ملڪ سميت خاص ڪري سنڌ جي مظلوم، پورهيت ۽ مسڪين ماڻهن جو ڪيس پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ صلاح مصلحت ڪئي ويندي.
