ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي پاران يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو تہ 6 سيپٽمبر 1965 جو ڏھاڙو عسڪري لحاظ کان اسان لاءِ فخر جو ڏينهن آهي، ڇو تہ جڏھن ھندستان وڏي فوجي طاقت ۽ دفاعي وسيلن ذريعي چالاڪي سان پنھنجي ناپاڪ ارادن کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سرزمين تي رات جي اونداھيءَ ۾ حملو ڪيو تہ افواج پاڪستان پنھنجي صلاحيتن ۽ جرئتمندي سان انھن کي ناڪام بڻايو جنھن تي آئون پاڪستان جي لاء پنھنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن سمورن شھيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪريان ٿو ھن چيو تہ يوم دفاع پاڪستان اسان لاءِ قومي ڏينهن جھڙي حيثيت رکي ٿو ۽ پاڪستان جون هٿياربند فوجون ۽ سمورا سيڪيورٽي ادارا وطن عزيز پاڪستان جي حفاظت لاء ڏينهن رات مصروف آهن جيڪي اسان لاءِ باعثِ فخر آهن، ھن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان لکين قربانين جو ثمر آھي ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني تي فرض آھي، جڏهن تہ پاڪستان جي دفاعي پوزيشن تمام گھڻي مضبوط آهي جنهن کي دنيا جي ڪا بہ طاقت ختم نٿي ڪري سگهي ڇو تہ 1965 وانگر اڄ بہ افواج پاڪستان ۽ پوري قوم دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، ايم ڊي واٽر بورڊ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو تہ اسين پاڪستان جي دفاع واري ڏھاڙي تي اھيو عزم ٿا ڪيون تہ مستقبل ۾ پاڪستان جي دفاع ۽ سالميت خاطر ڪنهن بہ قرباني کان نہ ڪيٻايو ويندو.










